مير شير محمد خان ٽالپر ماڻڪاڻي
ليکڪ: مير محمد بخش ٽالپور
سنڌي رسالي ”مهراڻ“تان ورتل
دنيا جي هر قوم پنهنجا هيرو پيدا ڪيا آهن. ان سلسلي ۾، بر صغير جي آخري حفاظت ڪندڙن ۾ اسان کي سراج الدوله، شير ميسور سلطان ٽيپو شهيد، ۽ مرد مجاهد ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان مرحوم جا نالا، چمڪندڙ ستارن وانگر نظر اچن ٿا. انهن ۾ ”شير سنڌ“ آذادي جي جنگ جو آخري ۽ لافاني هيرو هوـ
مير صاحب موصوف، سنڌ جي ماڻڪاڻي ٽالپرخاندان جو فرذند هوـ
ع 1783 ۾ سنڌ فتح ٿيڻ کان اڳ، سنڌ جي اٽڪل چوٿين ـ پنجين حصي جو حڪمران، نواب سربلند خان سرڪار والا همم، مير ٺارو خان ”ستاره جنگ“ ٿيو، جنهن پنهنجو تختگاه ”ڪيٽي“ کي مقرر ڪيوـ اها”ڪيٽي“، ڪيٽي بندر نہ بلڪه ٽنڊي باگي ۽ ڏيپلي جي دنگ تي ديہ اُٺ ڊهو تعلقي ڏيپلي واري”ڪيٽي“هئ ـ
مير ٺاري خان جي شادي خانه آبادي، حيدرآباد جي شهداداڻي ميرن جي خاندان مان مير بجار خان جي دختر ۽ مير عبداللہ خان جي همشيرہ سان ٿي هئ ، جنهن ما کيس ٽي فرزند ٿيا: مير غلام حيدر خان، مير علي مراد خان ۽ مير غلام اللہ خان ـ وڏو مير غلام حيدر خان هو، پرهن پنهنجي خوشي سان ، حڪومت ننڍي ڀاءٌ ير علي مراد خان جي حوالي ڪئي ـ
مير ٺاري خان 1829 ع ۾ وفات ڪئي ۽ ماڻڪاڻي ٽالپرن جي قديم مقام ”چٽوڙي“ تعلقي ميرپورخاص ۾، جو شهر کان سورهن ميل اتر طرف آهي، کيس دفنايو ويو ـ
مير علي مراد خان، راڄي خاناڻئ جي ٽالپرن مان شادي ڪئي ـ کيس سڀ کان وڏو پٽ مير شير محمد خان هو ۽ ٻيا ٻہ، مير شاہ محمد خان ۽ مير خان محمد هئا ـ
ع 1806 ڌاري مير علي مراد خان، مير پور خاص جو شهر ٻڌايو هو ـ ٽيهارو سالن کان پوءِ، ع 1836 ۾ مير علي مراد خان وفات ڪئ ڱ کائنس پوءِ مشرقي سنڌ جي گاڌئ تي “شيرسنڌ“ مير شير محمد خان ماڻڪاڻي تخت نشين ٿيو ـ
ميرشير محمد خان جو جنم 17 مئي 1810 ع ۾ مير پور خاص ٿيو ـ سندن تعليم لاءِ هالا جي قاضي خاندان مان، ان وقت جا وڏا عالم ۽ فاضل سندن اتاليق مقرر ڪيا ويا ـ مير صاحب کي پنهنجي مادري زبان بلوچڪي ۽ سرئڪيءَ ۽ سنڌي کان سواءِ، پارسي ۽ عربي جي تعليم ملي ـ مير ساحب انهن زبانن ۾ ماهر هو ـ
ــــ اڻ مڪمل ـــ جاري ـــ مڪمل مضمون لاءِ وري هن صفحہ تي ڪجھ ڏيهن کانپوءِ ايندا ـ